ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر ميڪسين مورواٽرز سان گفتگو جي مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي.آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر سان گفتگو ۾ عمران خان چيو ته 99 سيڪڙو پاڪستاني مون سان گڏ آهن.هن گفتگو ۾ بي اعتمادي جو سڄو ملبو اڳوڻي آرمي چيف تي وجهي ڇڏيو ۽ چيو ته پاڪستان تاريخ جي نازڪ ترين دور مان گذري رهيو آهي، مون کي گوليون هنيون ويون ۽ تاريخ جو بدترين رياستي ڏاڍ اسان تي ٿي رهيو آهي.سندس چوڻ هو مان چاهيان ٿو ته توهان جي طرفان اسان جي حق ۾ آواز اٿي، توهان جيڪڏهن آمريڪا مان اسان لاءِ آواز اٿاريندا ته ان جا اثر هوندا.ليڪ آڊيو ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت معاشي اعتبار سان تمام بهتر ڪم ڪري رهي هئي، پاڪستان جي ڪنهن جمهوري جماعت خلاف تاريخ ۾ ايترو ڪريڪ ڊائون نه ٿيو.هن گفتگو ۾ چيو ته اسان رڳو قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي سربلندي چاهيون ٿا، انساني حقن لاءِ ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ توهان آواز اٿاريو.










