واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايران آمريڪا پاران گرفتار ڪيل 55 ايراني شهرين جي ملڪ بدري جي تصديق ڪئي آهي.ايراني پرڏيهي وزارت چيو ته آمريڪا پاران ملڪ بدر ڪيل 55 ايراني شهري ايندڙ ڏينهن ۾ ايران پهچندا.ايراني عملدارن چيو ته صدر ٽرمپ جي اميگريشن ڪريڪ ڊائون تحت هي ايراني شهرين جي ٻي ملڪ بدري هئي.










