ايران ۾ 30 جاسوس گرفتار، سخت حملن جون ڌمڪيون، اک جي بدلي اک

ايران ۾ 30 جاسوس گرفتار، سخت حملن جون ڌمڪيون، اک جي بدلي اک

تهران/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڄ يارهين ڏينهن به ايران ۽ اسرائيل جا هڪٻئي تي حملا جاري رهيا ۽ ايران بدستور قطر، يو اي اي ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ آمريڪي مفادن تي حملا جاري رکيا. آمريڪا جي جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ ايران تي وڌيڪ سخت ۽ وڏا حملا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا ٽاڪ ۾ هن هڪ سوال تي چيو ته جنگبندي جو فيصلو صدر ٽرمپ ڪندو پر اهو فيصلو اسانجي ٽائيم لائين موجب هوندو. **ايراني پارليمان جي اسپيڪر چيو آهي ته اسين اک جي بدلي اک واري اصول هيٺ حملا ڪنداسين، دشمن اسانجي جنهن نوعيت جي انفرا اسٽرڪچر تي حملو ڪندو، اسين به جوابي حملو ان نوعيت جي انفرا اسٽرڪچر تي ڪنداسين.** ايران جي انٽيليجنس وزري وزارت 30 جاسوس گرفتار ڪيا آهن جيڪي آمريڪا، اسرائيل ۽ عربن ملڪن لاءِ جاسوسي ڪري رهيا هئا. انهن ۾ اسانجا پنهنجا به ڪرائي جا ملازم شامل آهن.** فرانس لبنا جي معاملي تي گڏيول قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.**نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي جي مقرري بعد ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ تهران سميت مختلف شهرن ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو ۽ ساڻس قيادت تي اعتماد جا اعلان ٿيندا رهيا. ان دوران تهران ۾ آمريڪا حملو ڪيو ته ريلي ۾ شريڪ ماڻهو منتشر نه ٿيا پر آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعرا هڻندا رهيا.**  ايران جي گادي واري هنڌ تهران تي ٿيل شديد بمباري ۾ درجنين ماڻهن جي فوتگين جا اطلاع مليا آهن.عرب ميڊيا موجب، جنگ جي شروعات کان وٺي تهران تي حملا سڀ کان وڌيڪ شديد آهن، ڪرج ۾ طاقتور ڌماڪن آسمان کي روشن ڪيو.لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيلي شهر صفد ۾ هڪ ڊرون ڪنٽرول بيس تي ميزائل حملو ڪيو، جڏهن ته يفتاح بيرڪ تي پڻ راڪيٽ فائر ڪيا ويا. بحرين ۾ هڪ هوٽل جي عمارت مان هڪ ڊرون ڪيرايو ويو، جنهن جي ڪري عمارت ۾ باهه لڳي وئي.ٻئي طرف، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان ڳالهيون هاڻي ايجنڊا تي نه آهن، ۽ ميزائل حملا جيستائين ضروري هجي جاري رهندا.

ايران جي موجوده مذهبي حڪومت خطي ۽ دنيا لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي: آمريڪي پرڏيهي وزير

آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته ايراني حڪومت رياستي وسيلن کي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، ۽ آمريڪي حملي جو مقصد ايران جي ميزائل پروگرام کي تباهه ڪرڻ آهي.مارڪو روبيو چيو ته ايران تي حملن جو مقصد ايران جي هن صلاحيت کي ختم ڪرڻ آهي، ۽ اسان طاقت سان هن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي رستي تي آهيون.هن چيو ته ايران جي موجوده مذهبي حڪومت خطي ۽ دنيا لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، ۽ ايراني حڪومت دنيا کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪري رهيو آهي، توانائي ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ۽ ان کان علاوه، ايران پاڙيسري ملڪن ۾ سفارتخانن تي حملو ڪري رهيو آهي.

ايران عرب ملڪن تي 2,000 ڊرون ۽ 500 ميزائل فائر ڪيا، نيو يارڪ ٽائمز

آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز ايران پاران عرب ملڪن تي ڪيل ڊرون ۽ ميزائل حملن جي تفصيل جاري ڪئي آهي.نيو يارڪ ٽائمز جي مطابق، ايران تازي جنگ جي شروعات کان وٺي عرب ملڪن ۾ پنهنجي هدفن تي 2,000 ڊرون ۽ 500 ميزائل فائر ڪيا آهن.نيو يارڪ ٽائمز رپورٽ ڪئي ته ان تاثر جي برعڪس ته ايران جا ميزائل گهٽجي ويا آهن، حملن جي شدت گهٽ نه ٿي آهي، جڏهن ته اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملن جي تفصيل موجود نه رهي.ٻئي طرف، ايراني انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته تل ابيب تي 10 خيبر-شڪر ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.

ايران جنگ جي جلد خاتمي جي اعلان جا اثر، خام تيل جي قيمت ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي

آمريڪي صدر ٽرمپ جي ايران جنگ جي جلد خاتمي جي اعلان جا مثبت اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.عالمي منڊي ۾ برطانوي خام تيل جي قيمت ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت 90 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. واپار دوران، آمريڪي خام تيل جي قيمت 87 ڊالر في بيرل تائين گهٽجي وئي.

ايران ۾ 5,000 هدفن کي نشانو بڻايو، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج ايران ۾ 5,000 هدفن کي نشانو بڻايو. ان 50 ايراني جنگي جهازن کي تباهه يا نقصان پهچايو،

روسي صدر جو ٽرمپ کي ايران سان جنگ ختم ڪرڻ جو مشورو

روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران، صدر پيوٽن ٽرمپ کي ايران سان جنگ جي جلد خاتمي لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون.روسي صدر جي پرڏيهي پاليسي جي مددگار يوري اوشاڪوف موجب، ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران يوڪرين جي تڪرار ۽ وينزويلا جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ ان کان علاوه، عالمي تيل جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

وچ اوڀر ۾ ڊگهي جنگ جو برطانوي معيشت تي منفي اثر پوندو: برطانوي وزيراعظم

برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر چيو ته ڪجهه عنصر وچ اوڀر جي تڪرار کي برادرين ۾ نفرت پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، ۽ نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي گڏجي وڙهڻ گهرجي.

جيڪي ملڪ آمريڪي ۽ اسرائيلي سفيرن کي نيڪالي ڏيندا اهي آبنائي هرمز استعمال ڪري سگهندا: پاسداران انقلاب

پاسداران انقلاب واضح ڪيو ته جيڪي ملڪ آمريڪي ۽ اسرائيلي سفيرن کي نيڪالي ڏين ٿا انهن کي سڀاڻي کان آبنائي هرمز مان گذرڻ جي مڪمل آزادي هوندي.

ايران جي مستقبل جي قيادت کي به ماري ڇڏيندس، ٽرمپ

آمريڪي صدر ٽرمپ ريپبلڪن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ايران جا جهاز هاڻي سمنڊ جي تري ۾ آهن، ايراني نيوي جا 51 جنگي جهاز تباهه ٿي چڪا آهن. پنهنجي تقرير دوران ٽرمپ چيو ته مون کي ٻڌايو ويو هو ته ايراني جهازن کي ٻوڙڻ وڌيڪ مزيدار آهي.صدر ٽرمپ چيو ته ايران جي جيڪا به نئين قيادت ايندي، ان کي ماريو ويندو، ۽ ايران جي مستقبل جي قيادت کي به ماريو ويندو.

چين، روس، فرانس سميت ڪجهه ملڪن جنگ بندي لاءِ رابطو ڪيو: ايران

ايراني نائب پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته جنگ بندي لاءِ اسان جي پهرين شرط جارحيت جو خاتمو آهي.

آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم سعودي عرب جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ۾ ناڪامي تي مايوسي جو اظهار

ٽرمپ جي ويجهي اتحادي سينيٽر لنڊسي گراهم سعودي عرب جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ۾ ناڪامي تي مايوسي جو اظهار ڪيو.هڪ بيان ۾، لنڊسي گراهم چيو ته سعودي عرب ايراني حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.سينيٽر گراهم سوال ڪيو ته آمريڪا کي سعودي عرب جهڙي ملڪ سان دفاعي معاهدو ڇو ڪرڻ گهرجي جيڪو باهمي فائدي لاءِ جنگ وڙهڻ لاءِ به تيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو