واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ اولهه رياستن ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي رياستن ۾ طوفان سبب مختلف حادثن ۾ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ رياست ٽينيسي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن آمريڪي ميڊيا موجب آرڪنساس، مسيسپي، الاباما ۽ انڊيانا ۾ 15 ڄڻا فوت ٿيا.آمريڪا ۾ 600,000 کان وڌيڪ گهر طوفانن جي ڪري بجلي کان محروم آهن، ان کان علاوه طوفاني طوفانن وڻن سميت سموري انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچايو.سرڪاري طوفان جي اڳڪٿي جي مرڪز موجب جمعه ۽ ڇنڇر تي ڪيترن ئي رياستن ۾ 60 کان وڌيڪ طوفان ٻڌايو ويو.










