ڪويت تي ميزائيل ۽ ڊرون فائر، هوائي اڏي کي ’وڏو نقصان‘ هڪ فوت 60 زخمي، اڏامون معطل

ڪويت تي ميزائيل ۽ ڊرون فائر، هوائي اڏي کي ’وڏو نقصان‘ هڪ فوت 60 زخمي، اڏامون معطل

تهران (ويب ڊيسڪ) هڪ پاسي ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن ته ٻئي پاسي ايران ۽ آمريڪا جي هڪٻئي تي پڻ حملا جاري آهن. ايراني پاسدارانِ انقلاب آمريڪي اڏن ۽ هٿيارن تي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته قشم ٻيٽ ۾ ڪميونيڪيشن ٽاور تي آمريڪا حملو ڪيو هو، جنهن جي جواب ۾ آمريڪي اڏن کي ڪويت ۽ بحرين تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن. ڪويت ۾ هڪ ڀارتي شهري مارجي ويو ۽ 63 کان مٿي زخمي آهن. ايران موجب آمريڪا اهي حملا ڪويت ۽ بحرين وارن اڏن تان ڪيا آهن، جن جي ذميواري ٻنهي ملڪن جي قيادت آهي. ڪويت جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته هوائي اڏي تي وڏو نقصان ٿيو آهي، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، فلائيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي. بحرين چيو آهي ته ايراني حملا ناڪام بڻاياي ويا آهن. سينٽڪام جو چوڻ آهي ته هڪ ايراني آئل ٽينڪر کي ايراني پورٽ ڏانهن وڃڻ کان روڪيو پر هن چتاءُ رد ڪيو ته مٿس حملو ڪري انجڻ روم تباهه ڪيو آهي. ايراني ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب آمريڪي ففتھ فليٽ (پنجين بحري ٻيڙي) جي هيڊ ڪوارٽر، ائير بيس ۽ هيليڪاپٽرن کي به نشانو بڻايو آهي. پاسدارانِ انقلاب مطابق هيءَ ڪارروائي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته هرمز جي ويجهو ايراني آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ، پاسدارانِ انقلاب هڪ ٻيڙي کي ميزائلن سان نشانو بڻايو. ايراني ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته هرمز جي لڪي جي سيڪيورٽي کي متاثر ڪرڻ جي قيمت آمريڪا کي چڪائڻي پوندي.

ها نيتن ياهو کي ڪاوڙ ۾ پاڳل چيو هئم، ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته هن تازو هڪ سخت ۽ تيز لهجي واري فون ڪال دوران اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو تي لبنان ۾ فوجي ڪارروايون وڌائڻ سبب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. سومر ڏينهن آمريڪي نيوز اداري Axios پنهنجي ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو هو ته ٽرمپ فون ڪال دوران نيتن ياهو کي “پاڳل” قرار ڏنو ۽ مٿس ناشڪري جو الزام لڳايو. رپورٽ موجب هڪ آمريڪي اهلڪار ٻڌايو ته ٽرمپ نيتن ياهو کي چيو: “تون بلڪل پاڳل ٿي ويو آهين. جيڪڏهن مان نه هجان ها ته تون جيل ۾ هجين ها. مان تنهنجي بچاءُ ڪري رهيو آهيان. هاڻي هر ڪو توکان نفرت ڪري ٿو. هن صورتحال سبب هر ڪو اسرائيل کان به نفرت ڪري رهيو آهي.” ٽرمپ بعد ۾ پوڊ ون فورس جي  پوڊ ڪاسٽ ۾ صحافي ميرانڊا ڊيوائن سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته هن نيتن ياهو کي “پاڳل” چيو هو، پر ساڳئي وقت اهو به زور ڏئي چيو ته ٻنهي اڳواڻن گڏجي تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا Axios جي رپورٽ درست آهي ۽ ڇا هن واقعي نيتن ياهو سان اهڙي لهجي ۾ ڳالهه ڪئي هئي، ته ٽرمپ جواب ڏنو: “ها، مون ائين چيو هو. مان اهو نه چوندس ته مان تمام گهڻو ناراض هئس، پر لبنان سان سندس لڳاتار ويڙهه سبب مون کي سخت پريشاني ٿي رهي هئي.” هن وڌيڪ چيو: “هڪ موقعي تي مون بي بي (نيتن ياهو) کي چيو ته اسان کي اهو سڀ روڪڻو پوندو. اسان کي هي جنگ بند ڪرڻي پوندي.” هن وڌيڪ چيو ته بي بي ڀلو ماڻهو آهي هن سان لاڳاپا بهترين آهن.

آمريڪي فورسز جو ايراني قشم ٻيٽ ۾ فوجي تنصيبات تي حملن جو دعويٰ

آمريڪا پاران ايراني ٻيٽ قشم ۾ فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا ويا آهن. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) ايراني ٻيٽ قشم ۾ فوجي تنصيبات تي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، آمريڪي فورسز ايراني ٻيٽ قشم تي حملا ڪيا، هي حملا ايران پاران ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا. آمريڪي فورسز قشم ٻيٽ تي ايراني فوجي اڏي کي نشانو بڻايو. سينٽرل ڪمانڊ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فورسز ايران جا بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا، آمريڪي فورسز ڪيترائي ايراني ميزائل ۽ ڊرون ڪيرايا آهن. سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته ايران بيلسٽڪ ميزائل پاڙيسري ملڪن ڏانهن فائر ڪيا جيڪي هدف تي نه لڳي سگهيا، جڏهن ته ڪويت تي فائر ڪيل 2 ميزائل رستي ۾ ئي ڪري پيا. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، بحرين تي فائر ڪيل 3 ميزائل آمريڪا ۽ بحرين جي فورسز ڪيرائي وڌا. ايران 3 ڊرون حملا بحري ٻيڙن تي ڪيا هئا جن کي پڻ ناڪام بڻايو ويو.

ايراني ٻيٽ قشم ويجهو ڌماڪن جا آواز

ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، ايراني ٻيٽ قشم (جزيري قشم) جي ويجهو ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. ڪويت جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته فضائي دفاعي نظام (ائير ڊيفينس سسٽم) ميزائل ۽ ڊرون حملا روڪڻ ۾ مصروف آهي، ۽ ڌماڪن جا آواز ميزائلن ۽ ڊرونن کي ڪيرائڻ سبب آيا. پر ٻئي طرف، ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪويت ۾ آمريڪي فضائي دفاعي نظام ميزائل روڪڻ ۾ ناڪام رهيو. ميزائل ڪويت جي غير فوجي (شهري) علائقي تي ڪريو. روسي ميڊيا موجب، بحرين ۾ پڻ فضائي دفاعي نظام کي فعال ڪيو ويو آهي ۽ اتي سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا آهن. ان دوران ايراني ميڊيا اهو به دعويٰ ڪيو آهي ته پاسدارانِ انقلاب آمريڪي ۽ اسرائيلي ڪارگو (سامان کڻندڙ) بحري ٻيڙي تي جوابي حملو ڪيو آهي.

آمريڪي فوج پاران بوٽسوانا جي پرچم بردار آئل ٽينڪر کي ناڪاره بڻائڻ جي دعويٰ

آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته هنن بوٽسوانا جي جهنڊي واري (پرچم بردار) هڪ آئل ٽينڪر کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي. هو آئل ٽينڪر ايراني ٻيٽ خارگ (جزيري خارگ) ڏانهن وڃي رهيو هو. آمريڪي فوج موجب، هي ٻيڙو خالي هو، پر ان جي عملي 24 ڪلاڪن دوران رستو تبديل ڪرڻ بابت ڏنل ڪيتريون ئي وارننگون (تنبيهون) نظرانداز ڪيون هيون. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته 13 اپريل کان ايران جي بندرگاهن ۾ داخل ٿيندڙ ۽ اتان کان نڪرندڙ بحري آمد و رفت جي ناڪابندي ڪرڻ کانپوءِ، هينئر تائين 6 تجارتي ٻيڙن کي ناڪاره بڻايو ويو آهي، جڏهن ته 122 ٻيڙن جو رخ موڙيو ويو آهي.

ڪويت جو ايراني سفارتي عملي جي ٻن اهلڪارن کي” اڻ وڻندڙ شخصيت “ قرار ڏئي مُلڪ ڇڏڻ جو حڪم

ڪويت پاران ايراني سفارتي عملي جي ٻن ميمبرن کي ”اڻ وڻندڙ“ شخصيت قرار ڏيندي 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪويتي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اربع ڏينهن نائب پرڏيهي وزير حمد سليمان المشعان، ايران جي سفارتخاني جي قائم مقام ناظم الامور، ڪائونسلر حامد حميد يعقوبي فر کي طلب ڪري کيس هڪ باضابطااحتجاجي خط ڏنو. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ” خط ۾ ايراني حملن تي سخت احتجاج ڪندي ايران جي سفارتي عملي جو انگ گهٽائڻ ۽ ايراني سفارتخاني جي ٻن ميمبرن کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ کين 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.“ نائب پرڏيهي وزير ان معاملي تي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ”هي قدم ان پسمنظر ۾ کنيو ويو آهي ته ايران طرفان مبينا طور تي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي لڳاتار ۽ شديد حملا ڪيا پيا وڃن، جن جي تازي لهر اربع جي صبح ٻيهر ڏٺي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شهري ٿاڪن ۽ اهم هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ پڻ شامل آهي.“هن چيو ته ايراني حملن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ڪيئي شهري زخمي ٿيا ۽ اهم ٿاڪن ۽ سفارتي عمارتن کي به نقصان پهتو، جيڪا ڪويت جي خودمختاري، گڏيل قومن جي چارٽر، بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي ڀڃڪڙي آهي. نائب پرڏيهي وزير ايراني حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ”ڪويت پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ڪنهن به ملڪ خلاف جارحاڻي ڪارروائي لاءِ استعمال ٿيڻ جي قطعي اجازت نٿو ڏئي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”ايران جا بي بنياد الزام ڪنهن به طرح درست يا ثبوتن تي ٻڌل نه آهن ۽ انهن جو بار بار ورجاءُ انهن حملن جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي جن ڪويت جي سرزمين ۽ شهري توڙي اهم ٿاڪن کي نشانو بڻايو.“ هن اهو به واضح ڪيو ته ”ڪويت کي پنهنجي خودمختاري، سلامتي، شهرين ۽ هتي رهندڙ ماڻهن جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي قانون موجب سمورا ضروري قدم کڻڻ جو مڪمل ۽ جائز حق حاصل آهي.“

ڊونلڊ ٽرمپ جي ايراني سپريم ليڊر سان ملاقات جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ ڳالهين واري عمل ۾ ملڪ جو سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي به شامل آهي.اربع ڏينهن نيويارڪ پوسٽ سان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته اسان ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ نه ڏينداسين ۽ هو ان تي راضي آهن ته اهي ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندا. ٽرمپ موجب،”هنن ان تي اتفاق ڪيو آهي، هو بعد پنهنجو ذهن تبديل ڪري سگهن ٿا پر هي معاملو انهن شين مان هو جن تي هنن کي اتفاق ڪرڻو هو. ان دوران کائنس سوال ڪيو ويو ته ڇا مجتبيٰ خامنائي انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جن سان آمريڪا ڳالهه ٻول ڪري رهيو آهي؟ان تي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته جن ماڻهن سان اسان ڳالهائي رهيا آهيون، انهن بابت اسان کي پتو آهي ته اهي ئي ماڻهو ملڪ جي قيادت ڪري رهيا آهن. ها، هو (ايراني سپريم ليڊر) ان ۾ شامل آهي. ايراني ڳالهين واري وفد حوالو ڏيندي آمريڪي صدر چيو ته هو هن (رهبر اعليٰ) جي ڏاڍي عزت ڪن ٿا. جڏهن آمريڪي صدر کان مجتبيٰ خامنائي جي صحت بابت پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته کيس ان بابت خبر ناهي ڇاڪاڻ ته مون کي ساڻس ملڻ جو شرف حاصل نه ٿيو آهي، پر مون اهو ناهي ٻڌو ته هو ٺيڪ آهي، جيڪڏهن توهان ڪهاڻين تي يقين ڪريو ته سندس (جسم جا) ڪيترائي حصا موجود نه آهن. بهرحال سندس چوڻ هو ته ايراني قيادت اهو ئي چوي ٿي ته ڳالهين جي منظوري مجتبيٰ خامنائي ئي ڏئي رهيو آهي ۽ هڪ ڊگهي عرصي کان ائين ئي ٿيندو پيو اچي. پهرين سندس والد هو ۽ هاڻي هو پاڻ آهي. جڏهن آمريڪي صدر کان پڇيو ويو ته ڇا هو ڪڏهن مجتبيٰ خامنائي يا ٻين ايراني اڳواڻن سان ملڻ چاهيندو؟ان جي جواب ۾ آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته مون ان بابت ڪڏهن سوچيو ناهي، اهو ڏاڍو سٺو سوال آهي، مان ان بابت سوچيندس، مان ساڻ ملڻ چاهيندس، مان هر ڪنهن سان ملڻ چاهيندس، اسان شايد ڪڏهن ڪنهن موقعي تي ملاقات ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو