لاهور (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق عباسي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ فواد حسن فواد جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فواد حسن فواد جي وڪيل اعظم نذير تارڙ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته ٽرائل ۾ دير ٿي رهي آهي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس آهي ۽ اسان جائيداد جي قيمتن واري هدف کي به چئلنج ڪيو آهي. جسٽس طارق عباسي رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جو موقف آهي ته درخواستگذار رٽائر ٿي رهيو آهي ۽ ان کي ڪجهه دستاويزن تي صحيح ڪرڻي آهي. ان دوران فاضل جج نيب پراسڪيوٽر کان پڇيو ته نيب ترميمي آرڊيننس کي فائل تي آڻيو سپريم ڪورٽ کان توهان جي درخواست خارج ٿي چڪي آهي ان جو آرڊر ڪٿي آهي؟ نيب پراسڪيوٽر چيو ته اهو ئي اسان جو ڪيس آهي ته ملزم جي نالي تي ڪو به اثاثو ناهي ۽ اثاثا ڪمپني جي نالي تي آهن. جسٽس طارق عباسي نيب پراسڪيوٽر کان پڇيو ته ڇا توهان فواد حسن فواد جي گهرواري کي تفتيش ۾ شامل ڪيو آهي جنهن جو جواب ڏنو ويو ته ان جي گهرواري چئي ٿي ته مان گهريلو عورت آهيان. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فواد حسن فواد جي 10، 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف فواد حسن فواد جي ضمانت جو خير مقدم ڪندي چيو ته الله پاڪ جو شڪريو ادا ٿا ڪيون ته اڄ هڪ وڌيڪ بيگناهه کي انصاف مليو. هن ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ بهترين ۽ لائق آفيسر کي ناحق قيد ڪيو ويو فواد حسن کي غير منصفاڻي حالتن جو شڪار بڻايو ويو پر هو جرئتمندي سان ثابت قدم رهيو. فواد حسن فواد ضمير جو سودو ڪرڻ بجاءِ سختيون ۽ مشڪلاتون سهڻ کي ترجيح ڏني.










