زرداري جي طبيعت ۾ سڌارو، پرڏيهه علاج ضروري ناهي

زرداري جي طبيعت ۾ سڌارو، پرڏيهه علاج ضروري ناهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ذريعن موجب دبئي جي ڊاڪٽرن جي ٽيم آصف علي زرداري جو معائنو ڪيو ۽ اها ٽيم سيني جي مرضن جي ماهرن تي مشتمل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ڊاڪٽرن علاج ۽ تشخيص تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته آصف زرداري جي تشخيص ۽ علاج صحيح رخ ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته في الحال کيس ٻاهرين ملڪ علاج جي ضرورت ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصفه ڀٽو زرداري به دبئي مان آيل ڊاڪٽرن جي معائني جي موقعي تي موجود هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا اڄ به ڪجهه ٽيسٽ ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو