اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري مرحوم نذير ڍوڪي جي گهر پهتي ۽ نذير ڍوڪي جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي. نذير ڍوڪي سڄي زندگي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت جي خدمت ڪئي. نذير ڍوڪي پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر هو، جيڪو 14 جولاءِ تي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ضلعي خيرپور ۾ ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. خاتون اول مرحوم جي ايصال ثواب ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ سوڳوار پونئرن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي خاتون اول نذير ڍوڪي جي ڌيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پارٽي ڪارڪن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جنهن جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ قيد جون سختيون برداشت ڪيون. نذير ڍوڪي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن چيو ته نذير ڍوڪي پارٽي جو مخلص ڪارڪن هو، جنهن جي ڀٽو خاندان سان وفاداري بيمثال هئي. هو ٻين ڪارڪنن لاءِ عزم ۽ استقامت جو مثال هو. خاتون اول نذير ڍوڪي جي خاندان کي يقين ڏياريو ته پارٽي قيادت ڏکئي وقت ۾ سندن ساٿ ڏيندي. نذير ڍوڪي جي خاندان هن ڏکئي وقت ۾ ساڻن گڏ هجڻ تي خاتون اول جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه، مير منور ٽالپر، قومي اسيمبلي ۾ پارٽي جو چيف ويپ اعجاز جکراڻي، پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري، قومي اسيمبلي جي ميمبر شهلا رضا ۽ مهرين ڀٽو پڻ خاتون اول سان گڏ هئا.










