آسڪر هن سال جي فلمن جي چونڊ ڪري ڇڏي

آسڪر هن سال جي فلمن جي چونڊ ڪري ڇڏي

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ)فلمي دنيا جو سڀ کان وڏو ايوارڊ  جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب بهترين فلم ۽ بهترين هدايتڪار سان گڏ فلم  Mankکي 10 ڪيٽيگرين ۾ چونڊجي اڳيان اچڻ جو اعزاز حاصل آهي.ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دي فادر، بليڪ پينٿر اسٽوري، ميناري، نومينڊ لينڊ، پرامسنگ ينگ وومين، سائونڊ آف ميٽل ۽ دي ٽرائل آف دي شڪاگو سيون ڪيٽيگريز ۾ جاءِ حاصل ڪئي.چونڊجڻ جي اعلان بعد فلم نوميڊ لينڊ جي هدايتڪار ڪلوئي زائو ۽ فلم پرامسنگ ينگ وويمن جي هدايڪاره ايمرالڊ فيننلڊ آسڪر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بهترين هدايتڪار لاءِ چونڊيون ويون آهن.ياد رهي ته آسڪر جو ميلو 25 اپريل تي لاس اينجلس جي يونين اسٽيشن وٽ ڊولبي ٿيٽر بالي ووڊ ۾ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو