ميلبورين (ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي اسپنر ميٿيو ڪوهنمين جي بالنگ ايڪشن کي شڪي قرار ڏنو ويو.ڪرڪيٽ آسٽريليا تصديق ڪئي آهي ته ميٿيو ڪوهنمن جي بالنگ ايڪشن کي شڪي قرار ڏنو ويو آهي.ميٿيو ڪوهنمن سريلنڪا خلاف آسٽريليا جي ٽيسٽ سيريز جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.آسٽريليا لاءِ ميٿيو ڪوهنمن سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 16 وڪيٽون ورتيون.ميچ آفيشلز کاٻي هٿ جي اسپنر جي ايڪشن کي شڪي ۽ غير قانوني قرار ڏنو، جڏهن ته گال ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ بالنگ ايڪشن کي شڪي قرار ڏنو ويو.ان حوالي سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ميٿيو ڪوهنمن جي بالنگ ايڪشن جو هاڻي باضابطه تجزيو ڪيو ويندو. رپورٽ جي 14 ڏينهن اندر سندس بالنگ ايڪشن جو تجزيو ڪيو ويندو.ميٿيو ڪوهنمن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بالنگ ڪري سگهي ٿو، هو بين الاقوامي سطح تي بالنگ نٿو ڪري سگهي.










