آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم واري سياست ڏسڻ نٿو چاهيان: بلاول

آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم واري سياست ڏسڻ نٿو چاهيان: بلاول

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته آزاد جمون ۽ ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم ۽ باني ايم ڪيو ايم واري سياست ڏسڻ نٿو چاهيان. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ آزاد جمون ۽ ڪشمير بابت هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪندڙ سياسي جماعتن جي عمل جي مذمت ڪيون ٿا، چونڊن کانپوءِ آئيني فورم جو انعقاد ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ويهي ڪشميري عوام فيصلا ڪري. هن جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي حڪومت احتجاج ڪندڙن جا مطالبا 100 سيڪڙو پورا ڪيا، توهان 30 ڏينهن تائين احتجاج جو رڪارڊ بڻائي ورتو، احتجاج سڄي زندگي لاءِ ناهن هوندا، هاڻي ان احتجاج کي ختم ڪريو ۽ اچو ته ڳالهيون ڪيون.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته نظام ۾ رهندي پنهنجا حق حاصل ڪرڻا پوندا، آزاد جمون ۽ ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم ۽ باني ايم ڪيو ايم واري سياست ڏسڻ نٿو چاهيان. پيپلز پارٽي جي چيئرمين ڪشمير جي چونڊن تائين اتي ئي موجود رهڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ٻئي پاسي، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو کي فون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ڪشمير ڪاز لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو