باغ (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير باغ جي ٻن تڪن جي 23 پولنگ اسٽيشنن تي اڄ ٻيهر ووٽنگ (ري پولنگ) ٿيندي.انھن ٻن تڪن ۾ LA-15 جون 9 ۽ LA-16 جون 14 پولنگ اسٽيشنون شامل آهن.ووٽنگ جو عمل صبح 8 بجين کان شام 5 بجين تائين جاري رهندو.ٻنهي تڪن ۾ 10 آگسٽ تي عملو نه پهچڻ ۽ علائقي ۾ تڻاءُ واري صورتحال سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي هئي.










