لاهور (خصوصي رپورٽ)پي ڊي ايم جي قيادت لاهور پهچي وئي آهي، مينار پاڪستان ۾ حڪومتي رڪاوٽن جي باوجود جلسو ڪرڻ لاءِ سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. ڪارڪنن جي آمد جاري، ڪارڪنن جو گيتن تي ڀنگڙو جاري آهي. مسلم ليگ (ن) ڪارڪنن جي ناشتي لاءِ به بندوبست ڪيو، آلو پراٺا، قيمي اورا نان، مرغ ڇولا، سيرا پڙي ۽ حلوو به کين پيش ڪيو ويو. مسلم ليگ نون جي ڪيترن ئي ڪارڪنن رات مينار پاڪستان م گذاري. مريم نواز اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهي ته آر يا پار جو وقت اچي ويو آهي، حڪومت جي ٻيڙي غرق ٿيڻ واري آهي. گذريل ڏينهن جي يو آءِ جي ڪارڪنن گيٽ نمبر 5 جو تالو سرون هڻي ٽوڙيو هو ۽ ڪرسيون رکڻ شروع ڪيون هيون.

حڪومت جلسي جي اجازت کا ن اڪار ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. پنجاب جي قانون واري وزير راجه بشارت لاهور جلسي ۾ دهشتگردي جو الرٽ جاري ڪندي عوام کي گهرن ۾ رهڻ لاءِ چيو هو. ياد رهي ته مينار پاڪستان ۾ سڀني کا اڳ ڪامياب جلسو شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1986 ۾ ڪيو هو، جنهن بعد عمران خان 2011 ۾ جلسو ڪيو هو ۽ ٽيون ڀيرو هي ميدان تازو علامه خادم رضوي جي جنازي وقت ڀريو ويو هو. مسلم ليگ (ن) اڪيلي طور هن ميدان ۾ جلسي کان لنوائيندي رهي آهي. بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي زندگي جو پهريون ڀيرو هيڏي وڏي ميدان ۾ جلسو آهي. جلسي جا سيڪورٽي انتظام جميعت جي انصار الاسلام جي 3 هزار رضا ڪارن سنڀالي ورتا آهن.ڏيڍ سو ايڪڙ تي ڦهليل هن ميدان ۾ جلسو پي ڊي ايم لاءِ به وڏو چيلينج آهي. وزيراعظم عمران خان اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني جيڪا پي ڊي ايم رد ڪري چڪي آهي. اڳ ۾ ڏسي رهڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ عمران خان روز حڪومت کي ڳالهين جي آڇ پيو ڪري، جنهن بابت ڪجهه تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سندس مٿي تان شفقت جو هٿ هٽائي ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ هڙتالن، ڌرڻن، احتجاجي مظاهرن ۽ لانگ مارچ جو اعلان ڪندو. سڀني جون نظرون ميان نواز شريف تي کُتل آهن ته هو ڪنهن کي ٽارگٽ ٿو ڪري ۽ ڪهڙو نئون ڌماڪو ٿو ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته هو هڪ ويڊيو پڌري ڪرڻ وارو آهي.










