اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آرٽيڪل 63 اي تحت نااهلي جي مدت جي تعين بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جي منحرف ٿيڻ کانپوءِ صدر عارف علوي آرٽيڪل 63 اي تحت نااهلي لاءِ ريفرنس داخل ڪيو هو.سپريم ڪورٽ ان معاملي تي سمورين سياسي پارٽين کان راءِ طلب ڪئي هئي، جنهن تي ن ليگ ۽ جي يو آءِ ف سپريم ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.










