آرمي چيف پاران ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ آمريڪي ڪوششن جي حمايت

آرمي چيف پاران ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ آمريڪي ڪوششن جي حمايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي سينيٽرز ڪرس وان هولن ۽ ميگي حسن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي. فوجي ترجمان موجب آرمي چيف ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ لاءِ آمريڪي ڪوششن جي ساراهه ڪندي انهن جي حمايت ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي سلامتي، ڪشمير جي صورتحال ۽ افغان امن ڳالهين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترجمان موجب آمريڪي سينيٽرز افغان امن ڳالهين ۽ علائقائي سلامتي بابت پاڪستان جي ڪردار جي واکان ڪئي. ٻنهي سينيٽرز وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن هنن آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو هو جتي اتان جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات به ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو