راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان سعودي وزارت دفاع جي ٽرانسفارميشن مينيجمينٽ آفيس جي سي اي او ڊاڪٽر سمير ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، دفاعي سهڪار ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڊاڪٽر سمير بن عبدالعزيز پاڪستان جي دفاعي صلاحيت جو اعتراف ڪيو.ڊاڪٽر سمير بن عبدالعزيز پڻ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڊاڪٽر سمير بن عبدالعزيز الطبيب کي ٻڌايو ته پاڪستان سعودي عرب سان تاريخي ۽ برادرانه لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.










