آرمي چيف سان آسٽريلوي هم منصب جون ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهيون

آرمي چيف سان آسٽريلوي هم منصب جون ٻطرفن لاڳاپن بابت ڳالهيون

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف(سي او اي ايس) جنرل عاصم منير آسٽريلوي فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽورٽ ملاقات ڪئي آهي.آءِ ايس پي آر موجب آسٽريلوي فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽورٽ جنرل هيڊ ڪوارٽر(جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي.جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي آسٽريلوي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته آسٽريلوي آرمي چيف کي پاڪ فوج جي دستن سلامي به ڏني. ملاقات جي دوران گڏيل دلچسپي خاص طور تي عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير امن واستحڪام جي گڏيل حدفن لاءِ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي علائقائي، عالمي امن، دفاع ۽ سلامتي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ڪيو.ٻئي طرف آسٽريلوي ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽورٽ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، جنرل سائمن اسٽورٽ ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ وارن ارادن جو اظهار به ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو