آرمي چيف جي چيني هم منصب سان ملاقات، فوجي سهڪار تي ڳالهيون

آرمي چيف جي چيني هم منصب سان ملاقات، فوجي سهڪار تي ڳالهيون

بيجنگ)ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چين ۾ پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل سيڪيورٽي معاملن ۽ فوجي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چين پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ايل اي هيڊڪوارٽرز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، آرمي چيف چاڪ چوبند اسڪواڊ جو معائنو ڪيو.آرمي چيف پي ايل اي ڪمانڊر سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل سيڪيورٽي معاملن ۽ فوجي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۽ فوجي سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو.آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير پي ايل اي جي جوانن جي آپريشنل صلاحيتن جو مظاهرو پڻ ڏٺو.

پهنجو تبصرو موڪليو