آدمشماري ۾ مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ آواز پيپلزپارٽي اٿاريو: سعيد غني

آدمشماري ۾ مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ آواز پيپلزپارٽي اٿاريو: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو اهي ته آدمشماري ۾ مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ آواز پيپلزپارٽي اٿاريو آهي پي ٽي آئي، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ آدمشماري تي اعتراض آهي ايئن آهي جيئن آدمشماري صرف سنڌ ۾ ئي ٿي رهي آهي جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان نئون الطاف بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اهڙنخ يالن جو اظهار هن گذريل رات لياري ۾ اڳوڻي صوبائي وزير جاويد ناگوري جي ڀاءُ شهيد اڪبر ناگوري جي اٺين ورسي جي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو تقريب کي پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، جاويد ناگوري ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته ورسي جي تقريب ۾ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن محمد آصف خان شڪيل چوڌري نائب صدر مرزا مقبول، سردار خان سائوٿ جو صدر خليل هوت، سينيٽر يوسف بلوچ ملير جو صدر سلمان مراد، اسلم سمون، فيصل ايڌي پيپلز يوٿ جو صدر راشد خاصخيلي، پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر مدني رضا، ذوالفقار قائمخاني فريد انصاري، شهزاد ناٿا، يوسف گهانجي ۽ سمورين ماتحت ونگز جي عهديدان عورتن ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر نثار احمد کهوڙو چيو ته هڪ شخص هن وقت جيڪو عوام جي بيعزتي ڪري رهيو آهي پنجاب اسيمبلي ۽ ڪي پي اسيمبلي کي ختم ڪري ٿو نثار کهڙو چوي ٿو ته پي ٽي آئي وارن به مارشل دور وانگر عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي آهي نثار کهڙو چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت اليڪشن ٿئي 90 ڏينهن کان مٿي ٿي ويا جڊيشري چئي رهي آهي ته اليڪشن ٿئي نثار کهڙو چيو ته جڊيشري کي منهنجي اپيل آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ڇو ته پاڪستان ۾ ٻه ڀيرا اليڪشن ٿي وئي ته هي روايت بڻجي ويندي نثار کهڙو چيو ته اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي عمران خان اسيمبلين مان استيعفائون ڏنيون هي ملڪ دشمن آهي نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته عمران جي بدزماني جي باوجود هي اهو مڃي ته وڏي دل ڪري آصف زرداري ، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين پارٽين جي وڏن اڳواڻن ملڪ لاءِ ڳالهيون ڪيون ته جيئن ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اليڪشن ٿئي انلاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آدمسماري جي مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ آواز پيپلزپارٽي اٿاريو آهي هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه 2017 جي آدمشماري تي اعتراض ڪيو جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪابينه ۾ شامل هئا ۽ آدمشماري جي نتيجن تي صحيحون ڪيون ان جي ابتڙ پيپلزپرٽي مخالفت ڪئي هئي سعيد غني چيو ته پي ٽي آئي جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ آدمشماري تي اعتراض ايئن آهي جيئن رڳو سنڌ ۾ ٿي رهي آهي مان انهن کان سوال ڪريان ٿو ته ڇا خيبرپختونخواه، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ آدمشماري نه پئي ٿئي سعيد غني چيو ته انهن کي معلوم نه آهي ته بلوچستان جي آبادي 45 سيڪڙو وڌي آهي جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ گهٽ ٿي آهي اهڙي طرح لاهور، اسلام آباد فيصل آباد جي آبادي گهٽ ٿي آهي اهڙي طرح لاهور اسلام آباد فيصل آباد جي آبادي گهٽ ٿي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان نئون الطاف بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪڏهن جماعت اسلامي مذهبي جماعت کان هٽي ڪراچي ۾ نسلي جماعت بنائڻ چاهي ٿي ته ان جو اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو