اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هلندڙ ستين آدمشماري جي تاريخ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.ڳڻپ واري بيورو جي ترجمان موجب آدم ڳڻپ جي تاريخ ۾ 15 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي، 19 شهرن ۾ آدمشماري جي مدي ۾ واڌ ڪئي ويندي، لاڳاپيل شهرن ۾ مردم شماري عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. شماريات واري اداري جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ جي 131 ضلعن ۾ آدمشماري 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ 99 سيڪڙو آدمشماري مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 98 سيڪڙو آدمشماري جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. شماريات بيورو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ مردم شماري 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته بلوچستان ۾ 82 سيڪڙو آدمشماري مڪمل ٿي چڪي آهي.










