آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو احتجاج

آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو احتجاج

دادو(ن سنڌيار)دادو ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو تعليم کاتي جي ڪامورن خلاف احتجاجي مارچ، پريس ڪلب آڏو ڌرڻو شاهنواز چانڊيو، جنيد کچي، سجاد پنهور، راشد شاهاڻي، عامر ٻٻر جي اڳواڻي ۾ علامه آئي آئي قاضي لائبريري کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو ضلعي جي چئني تعلقن ميهڙ، ڪي اين شاهه، جوهي ۽ دادو تعلقي جي وڏي انگ ۾ استادن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو هنن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته سنڌ سرڪار آئي بي اي جي 54 کان 40 مارڪون کڻندڙن کي آفر آرڊر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو تعليم کاتي دادو جي ڪامورن خالي جاين بابت اڃا تائين لسٽون جاري نه ڪيون آهن ڪامورن پاران لسٽون جاري نه ڪرڻ تي خدشا آهن جلد لسٽون جاري ڪري آفر ۽ جوائننگ آرڊر جاري ڪيا وڃن آفر ۽ جوائننگ آرڊر نه مليا ته پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي مظاهرين وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي دادو جي ڪامورن جي روايتي سستي جو نوٽيس وٺي جلد آفر آرڊر جاري ڪري استادن مان بيچيني دور ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو