آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

ٽنڊومحمدخان (ن سنڌيار)آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب ٽنڊو محمدخان سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي آئي بي ٽيسٽ پاس ايڪشن ڪاميٽي اگواڻن رياض علي . نديم ميتلو ؛ غني خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان آئي بي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار آھيون اسان 33 کان 39 مارڪون حاصل ڪيون آھن نئين ٽيچرس ڀرتي ۾ پڻ اسان کي شامل ڪيو وڃي تعلقه بلڙي شاهه ڪريم ۽ تعلقه ٽنڊو غلام حيدر ۾ خالي پيل سيٽن تي اسان کي آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن اسان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر ناانصافي آهي اھڙي عمل خلاف اسين سخت احتجاج جاري رکنداسين ھنن حڪومت سنڌ. ايم اين اي سيد نويد قمر. ايم پي اي عبدالڪريم سومرو کي اپيل ڪئي ته اسان محنت تي ڪامياب ٿيا آھيون اسان کي ميرٽ جي بنياد تي آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو