اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي صدارت ۾ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئيني عدالت جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر لاءِ سپريم ڪورٽ رولز 2025 کي اختيار ڪيو ويندو. فل ڪورٽ فيصلو ڪيو ته وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي گهٽ کان گهٽ ٻه رڪني بينچ ڪندي، ٻه رڪني بينچ جي فيصلي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي گهٽ ۾ گهٽ ٽي رڪني بينچ ڪندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جا وڪيل آئيني عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا اهل هوندا.










