ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو اهي ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪا خرابي نظر نٿي اچي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چو ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪا خرابي نظر نٿي اچي، ڪا هجي ته ٻڌايو. هن چو ته جيڪڏهن ڪا 27هن ترميم اچي رهي آهي ته ان جي خدوخال بابت خبر ناهي. نگران حڪومت نه هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته آئين مان نگران حڪومت جي شق ڪڍڻي پوندي، سڄي دنيا ۾ هاڻي نگران حڪومتن جو تصور ختم ٿي ويو آهي، اسان کي ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي….وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نگران حڪمراني کي بي فيض قرار ڏيندي قانون ختم ۽ آئين مان آپشن ختم ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي، سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مفادن تي سمجهوتو نه ڪبو ۽ ارسا جي غلط فيصلي بابت سي سي آءِ ۾ ويل آهيون، خط به لکيو آهي، سيد مراد علي شاھ ٻڌايو ته کيس ستاويهين آئيني ترميم بابت ڪا خبر ناهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ڪراچي ۾ ملڪي سطح تي ست ڏينهن واري پوليو مهم جو افتتاح ۽ پوليو جي خاتمي جو عزم ڪندي عوام کي گذارش ڪئي آهي ته گلن جهڙن ٻارڙن کي ڦڙا پياريا وڃن.وڏي وزير پوليو ورڪرن سان سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته کين پنهنجي ۽ ٻين ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ نه گهرجي.وڏي وزير نگران حڪمراني کي بي فيض قرار ڏيندي قانون ختم ۽ آئين مان آپشن ختم ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي.سيد مراد علي شاھ ٻڌايو ته کيس ستاويهين آئيني ترميم بابت ڪا خبر ناهي.وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي مفادن تي سمجهوتو نه ڪبو، ارسا جي غلط فيصلي بابت سي سي آءِ ۾ ويل آهيون، خط به لکيو آهي،سيد مراد علي شاھ پنجاب جي اسپتالن ۾ سنڌ وارن کان پيسا وٺڻ بابت لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ايئن نه ڪندي، پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جا حق سلب ڪرن بابت ڪڏهن نه سوچيندي.










