اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست عدم پيروي جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي. درخواست ڏيندڙ محمود اختر نقوي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف درخواست داخل ڪئي هئي










