ٺٽو ( رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ) سنڌ جي مختلف ضلعن جي 21 پوليس اهلڪارن کي ڪرپشن ۽ عوامي شڪايتن تي هٽايو ويو، آئي جي سنڌ مشتاق مھر ٺٽي ۽ سجاول سميت مختلف ضلعن جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻين 19 پوليس آفيسرن ۽ ٻن ڊي ايس پيز کي فوري طور سِي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايل اھلڪارن کي ھلندڙ انڪوائرين سبب ھٽايو ويو، کين چارجون ڇڏڻ جو حڪم جاري.

آئي جِي جي حڪم تي ھٽايل پوليس آفيسرن ۾ ٺٽي ضلعي جي گھارو ۽ ڌاٻيچي ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز محمد علي ڌامراهه، ممتاز بروهي ، سجاول جو سي آئي اي انچارج مشتاق برهماڻي، پوليس اهلڪار ڪريم ڪنڀار، بدين ايس ايس پي آفيس جو اهلڪار گل حسن لغاري، جيڪب آباد ضلعي جي ٻن سب انسپيڪٽرن هدايت الله ۽ امان الله سومرو ۽ 2 اهلڪار رحيم کوسو ۽ نبي داد رند، ايس ايس پي آفيس قمبر شھداد ڪوٽ جو اهلڪار امجد شاه ، ٽنڊو الهيار ضلعي جو انسپيڪٽر محمد بخش مجيداڻو، سکر جو اهلڪار امداد علي شاه، کنڀرا ٿاڻي جو ايس ايڇ او اربيلو ڀنگوار، کينجُهو ٿاڻي جو ايس ايڇ او قمبر عباس لُنڊ، ريتِي ٿاڻي جو ايس ايڇ او احسان مهر، اوٻاوڙو جي پوليس چوڪي چانڊيا موري جو انچارج فتح محمد، سب انسپيڪٽر هاشم بروهي، سب انسپيڪٽر آصف رضا مري، پوليس اهلڪار فضلو، ڊي ايس پيز ۾ سکر ريجن جو ڊي ايس پي اظهر حسين لاهوري، سِي آء اي پوليس ٺٽي جو ڊي ايس پي سعيد احمد رند به ھٽايلن ۾ شامل.ڄاڻايل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڳُجهي نموني مليل ڪرپشن ۽ عوامي شڪايتن تي انڪوائريون پينڊِنگ ۾ پيل هيون، آئي جِي سنڌ ڄاڻايل 21 اهلڪارن خلاف باضابطه طور جاچ جو حڪم ڏيندي پهرين مرحلي ۾ کين عهدن تان هٽائي کين سي پي او سنڌ ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آھي.










