اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف بجيٽ بابت ڪجهه شين تي وضاحت طلب ڪئي آهي، کين خرچن ۽ ٽيڪسن جي معاملي تي خدشا آهن.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه غوث پاشا چيو ته آءِ ايم ايف ڪيترائي سوال اٿاريا آهن، جنهن تي اسحاق ڊار جي آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان بجيٽ جي حوالي سان ڪجهه شين تي وضاحت طلب ڪئي آهي، آءِ ايم ايف کي خرچن ۽ ٽيڪسن جي معاملي تي خدشا آهن، اسان آءِ ايم ايف کي بجيٽ جي حڪمت عملي ۽ ويزن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف کي چيو ويو آهي ته بجيٽ جي حوالي سان. بجيٽ جو مقصد معاشي ترقي آڻڻ آهي جڏهن ته عالمي اداري سان اسٽريٽجڪ سطح تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته خرچن سميت ٻين ڊيٽا تي آءِ ايم ايف سان وڌيڪ ٽيڪنيڪل ڳالهه ٻولهه ٿيندي، آءِ ايم ايف پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بينڪ جي عملدارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو، آءِ ايم ايف اسٽيٽ بينڪ سان مٽا سٽا ۽ پاليسي ريٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت معاشي استحڪام کانسواءِ ٻيو ڪو به قدم نه کڻندي، پيٽروليم ليوي وڌائڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، رڳو قانون جي گنجائش بچي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته پيٽروليم ليوي جي شرح وڌائي يا گهٽائي ويندي.










