ٽوبه ٽيڪ سنگهه: (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسان پهريان ئي آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ شامل آهيون، آءِ ايم ايف ٻوڏ سبب پيدا ٿيل سنگين صورتحال کي سمجهي ورتو آهي.ٻوڏ سبب متاثر علائقي ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي تعلقي ڪماليه جو دورو ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته فنڊز کان پهريان اسان پنهنجا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ سموري دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي مشڪل صورتحال مان گذري رهي آهي.هن چيو ته ٻوڏ سبب روڊ، پل ۽ ماڻهن جي گهرن سميت ٻيون ملڪيتون تباهه ٿي ويون آهن. انهي لاءِ آفت سٽيل عوام کي هن وقت بجلي جا بل اماڻڻ مناسب نه آهي.محمد اورنگزيب چيو ته رب پاڪ جو شڪر آهي ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ جاني نقصان تمام گهٽ ٿيو، الله ڪري پاڻي جلد لهي ته جيئن ايندڙ فصل پوکي سگهجي اسان کي هن اسٽرڪچر کي اڳ جيان ٺاهڻو آهي.ناڻي واري وزير چيو ته تازو ٻوڏ ۾ رليف آپريشن جهڙي مثال تاريخ ۾ نٿي ملي، اسان پاڪ فوج جا به تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جنهن هن مشڪل وقت ۾ عوام جي مدد لاءِ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهي.










