آءِ ايم ايف هڪ ارب ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي

آءِ ايم ايف هڪ ارب ڊالر جي ٻئي قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انٽر نيشنل مانيٽري فنڊ يعني آءِ ايم ايف پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي قرض جي هڪ ارب ڊالر جي ٻئي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا جلد پاڪستان کي ملي ويندي. پاڪستان حڪومت پاران اقتصادي سڌارن لاءِ ورتل اپائن جن ۾ ٽيڪس وصولي وڌائڻ، ٽيڪس جو دائرو وسيع ڪرڻ سميت ڪيترائي اپاءَ شامل آهن، انهن تي اطمينان ظاهر ڪندي جائزه رپورٽ منظور ڪري ڇڏي. 7 ارب ڊالر جي قرض مان هڪ ارب ڊالر جي پهرين قسط اڳ ۾ ئي جاري ٿي چڪي آهي. فنڊ، پاڪستان لاءِ موسمياتي تبديلي جي مد ۾ 1.3 ارب ڊالر جو نئون قرض به منظور ڪندو ڇو ته اهو آئيٽم به اڄوڪي اجلاس جي ايجنڊا جو حصو آهي. ياد رهي ته ڀارت قرض روڪڻ لاءِ ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو