اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته جلد آءِ ايم ايف جو جائزا مشن پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ نائين جائزي بعد 1.18 ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندو. آءِ ايم ايف جي اها قسط پاڪستان کي سيپٽمبر ۾ ملڻي هئي جنهن ۾ مسلسل دير ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ غير يقيني واري صورتحال وڌي رهي آهي. ڊالر جي قيمت ۾ اضافو، اسٽاڪ ماڪيٽ ۾ ٻاڙائي به ان جي ڪارڻ آهي. ترجمان موجب پاڪستان هڪومت ٻوڏ سبب ٿيل نقصان ۽ بحالي تي خرچن جا تفصيل کين ڏئي ڇڏيا آهن ۽ اسانجي ڪوشش آهي ته ڪرس مس جي موڪلن کان اڳ بورڊ اها قسط جاري ڪري. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بوڏ سبب ميڪرو اڪنام هدف نئين سر مقرر ڪرڻا پوندا ڇو ته اڳ ۾ طئي ڪيل ٽارگيٽ بوڏ جي نقصانن بعد حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهن.
