آءِ ايس پي آر کي رابطن جي خبر هجڻ ضروري ناهي،مريم

آءِ ايس پي آر کي رابطن جي خبر هجڻ ضروري ناهي،مريم

لاهور (بيورو رپورٽ)ڊي جي آءِ ايس پي آر کي رابطن جي خبر نه هوندي، وڏڙن جي رابطن دوران هر ڪنهن کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويندو، سڀني کي خبر آهي ته 2018ع جي چوندن ۾ ووٽ چوري ٿيو، سياست ۾ مداخلت نه هجڻ بابت بيان ڏيڻ کان بهتر آهي ته خاموشي اختيار ڪريو، اهڙن بيانن تي عوام ۾ مذاق اڏايو وڃي ٿو، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم نواز چيو آهي ته ميمبرز جي فرار ٿيڻ تي مهري کي تڪليف ٿي رهي آهي، پي ڊي ايم کيس رليف نه ڏيندي، اپوزيشن پارٽيز چونڊ سڌارا چاهين ٿيون پر تابعدار خان سان گڏ ويهي ڪابه قانونسازي نه ڪئي ويندي، هاڻي ڌمڪين ذريعي وفاداريون تبديل ڪرايون ويون ته عوام احتساب ڪندو.  جاتي امرا کان ڊسڪه روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هتي ٻٽو نظام آهي، نواز شريف لاءِ ٻولي ٻئي هئي ۽ تابعدار خان لاءِ ٻئي آهي، نااهل کي بچائڻ لاءِ انصاف جي نظام کي داءَ تي لڳايو ويو آهي، ايماندار ججن جي توهين ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو