ڳوٺ سونهارو چاچڙ تي ڏوهارين جو حملو 3 ڄڻا قتل 2 زخمي

غوثپور (رپورٽ عبدالنبي ملڪ) دراني مھر جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ڄام سونھارو چاچڙ تي جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ جي ھٿياربندن جو حملو ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ سبب ھڪ نينگر سميت ٻھ ڄڻه زخمي۔ ٽي ڍور به مري ويا۔ شديد فائرنگ سبب ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ لڪي ويا۔ اطلاع باجود پوليس واقعي واري ھنڌ  ھڪ ڪلاڪ ليٽ پھتي۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب ڳوٺ ڄام سونھارو چاچڙ تي ڪجھ عرصي بعد ھڪ ڀيرو وري جاگيراڻي ۽ سبزوئي گينگ جي ڏھ کان وڌيڪ ھٿياربندن زمين تي مال چاريندڙ  چاچڙ برادري جي ماڻھن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو۔ گولين جا آواز ٻڌڻ کان پو۽ ڀر پاسي ۾ رھندڙ ٻيا ڳوٺاڻا ھٿيار کڻي واقعي واري ھنڌ پھچي ڏوھارين سان مقابلو ڪيو جڏھين ته مال چاريندڙ عورتن ۽ مردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ لڪي ويا۔ ٻنھي ڌرين ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين فائيرنگ جاري رھي جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻارنھن ورھين جو نينگر شاھد علي چاچڙ ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ ٽي ڳئون به مارجي ويون آھن۔ زخمي نينگر جو ٻڌي چاچڙ برادري جا ھٿياربند جيئن ئي گھرن مان نڪتا ته اڳواٽ لڪيل ھٿياربندن گوليون ھڻي ٽن ڄڻن۔ تاجو۔ پيزو ۽ ڊگھري عرف علي اصغر چاچڙ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا ۔ ڏوھاري پيزو عرف عبدالرشيد جو لاش به پاڻ ساڻ کڻي ويا۔  فائيرنگ جو سلسلو اڃان جاري آھي۔ دراني مھر ٿاڻو ڀرسان ھوندي به پوليس واقعي واري ھنڌ ھڪ ڪلاڪ دير پھتي۔ واضع رھي ته 50 ڏينھن اڳ به سبزوئي برادري جي ھٿياربندن ڳوٺ مينگل چاچڙ تي حملو ڪري ھڪ ئي گھر جي نون ڀاتين کي قتل ڪيو ھيو۔ هڪ زخمي ٻئي ڏينهن تي فوت ٿيو هو ۽ 10 ماڻهو قتل ٿيا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو