گڏيل قومن پاران کي افغان پناهگيرن جي مدد جي اپيل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)aفغانستان بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي خطاب ڪرڻ نه ڏنو ويو، ڀارت پاران مخالفت جاري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته ڀارت پريشان آهن ۽ سندن مخالفت ڪا نئين ڳالهه ناهي. گڏيل قومي جي سيڪريٽري جنرل عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو افغانستان جي پناهگيرن کي پٺي نه ڏين سندن لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن. ٻئي پاسي آمريڪي صدر جو بائيڊن افغانستان مان نڪرڻ جي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته طالبان جو ايترو جلدي قبضو ٿيڻ جو اندازو نه هو، ان جي ذميوار افغان حڪومت ۽ فوج آهي جن مزاحمت نه ڪئي. هن افغان پناهگيرن جي فنڊ ۾ 50 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو