ڪشمور (رپورٽ علي حسن سومرو ) ڪشمور لڳ گڊو نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ نوجوان قتل ٿي ويو،گڊو ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان رحمت علي دولاڻي مزاري سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ويو واقعي کان پوءِ هٿياربند جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي جو ڪارڻ آخري اطلاعن تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ٻئي پاسي ايس ايڇ او گڊو منظور لغاري ٻڌايو آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ توڙي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن پوليس موجب وڌيڪ حقيقتون جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سامهون اچي سگهنديون










