گڊو: واڙي مان چوري دوران مزاحمت تي ڀاڳيو قتل

گڊو (ن س )گڊو ويجهو مينهن جي واڙي مان چوري دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ ڀاڳيو مارجي ويو،جڏهن ته پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن،ڳوٺ عبدالباقي کوسو ۾ 12 کان وڌيڪ هٿياربندن ذاڪر شيخ جي مينهن جي واڙي مان مينهون ڪڍيون ته ڳوٺاڻا پهچي ويا،هٿياربندن ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب پوليس اهلڪار اويس کوسو ۽ غلام فريد سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،اسپتال منتقل ڪيل زخمين مان غلام فريد ساوند زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو،هٿياربندن 5 مينهون ڪاهي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو