گٽڪي وارن تي ڇاپا، سوين ڪيبن بند، پان سوپاري مهانگا

ڳاڙھو (علي رضا پيروزاڻي) صوبائي حڪومت ۽  هاءِ ڪورٽ جي حڪمن بعد نشي آور گٽڪي ۽ مين پڙين خلاف وٺ پڪڙ جاري شھر۾سوين گٽڪي فروشن پنهنجوڪئبنون بندڪري ڇڏيون شھر۾ گٽڪي جون ڪئبنون بندٿيڻ کان پوء شھر ويراني جوڏيک ڏيڻ لڳو ، پان جي مانڊڙين تي موالين جي رش وڌي وئي 5 روپين جوپان 20 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو سوپاري 700ڪلو واري رات وچ ۾ 28 سئو روپيا ڪلو بليڪ تي وڪروٿيڻ لڳي. هوڏانهن ڳاڙھو  ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير محمد گاڏھي گٽڪا فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي ڳاڙهي شھر مان ھڪ گٽڪا فروش محمد ڪاتيار کي گرفتار ڪري وٽائس وڏي مقدار۾ گٽڪو ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو