گُڊو ٿرمل جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جو احتجاج، ڌرڻو

گڊو (فرحان قريشي) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي گڊو ٿرمل پاورهائوس جي امڪاني نجڪاري خلاف سوين ملازمن ڪم ڇڏي پاورهائوس طرف ويندڙ مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ريجنل چيئرمين شمس الدين سولنگي، خادم حسين بوهڙ، نياز سومرو، نواز علي ڏاهاڻي ۽ ٻين چيو ته گڊو ٿرمل پاور هائوس منافعي بخش ادارو آهي، حڪمران پنهنجي نااهلي جي ڪري گڊو ٿرمل پاورهائوس کي وڪرو ڪري رهيا آهن. ملڪي ادارن کي وڪرو ڪرڻ انتهائي غلط فيصلو آهي حڪمرانن کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو