گيلاني جي استعيفيٰ جي آڇ، پارٽي اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏي

گيلاني جي استعيفيٰ جي آڇ، پارٽي اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني پارٽي کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پارٽي سمجهي ٿي ته مان هينئر ئي مستعفي ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ عهدو ڪا معنيٰ نٿو رکي، اسان جمهوريت لاءِ جانيون ۽ قربانيون ڏنيون آهن، پيپلز پارٽي تي اهڙا الزام نٿا لڳائي سگهجن جن ۾ ڪا حقيقت نه هجي. ان موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻ کيس چيو ته اوهان اصولن خاطر وزيراعظم جي ڪرسي کي ٺوڪر هنئي، توهان کي استعيفيٰ ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي پوري پارٽي توهان سان گڏ آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ بلاول ڀٽو، شاهد خاقان عباسي پاران موڪليل شوڪاز نوٽيس پڙهي ٻڌايو جنهن بعد ڦاڙي ڦٽو ڪيو. هن چيو ته سياست عزت لاءِ ڪريون ٿا برابر جي بنياد تي هلنداسين، اسين پي ڊي ايم جا باني آهيون ڪير به اتحاد مان ڪڍي نٿو سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو