گيس چوري خلاف ڪارروائي لاءِ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا گئس چوري خلاف ڪارروائي لاءِ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب جهانگير احمد ديو کي 3 سالن لاءِ يوٽيلٽي ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. صدف يوسف کي جج اسپيشل ڪورٽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪراچي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، کيس 3 سالن لاءِ جج مقرر ڪيو ويندو. ڪابينا رجب علي کي احتساب عدالت پشاور ۽ واجد علي کي جج بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو