گوگل جو ڊوڊل وحيد مراد سان منسوب، 81 سالگره تي خراج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور فلمي هيرو وحيد مراد جي 81 هين سالگره جي موقعي تي کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ گوگل پنهنجو ڊودل سندس سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي. گوگل جي ڊوڊل جي السٽريشن ڊزائن انوشي سيد نالي پاڪستاني نزاد ڪينيدين ڇوڪري تيار ڪئي آهي. وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938 ۾ سيالڪوٽ ۾ ڄائو هو ۽ پنهنجي اداڪاري، مزاج، اخلاق ۽ فن سبب فلم اندسٽري تي ٿوري ئي عرصي ۾ ڇائنجي ويو هيو.

هن گريجوئيشن سنڌ مسلم ڪالج ۽ ماسٽرز انگلش لٽريچر ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪئي هئي. هن فلمي ڪيريئر 1959 ۾ هڪ معمولي ڪردار ادا ڪرڻ سان شروع ڪيو پر بعد ۾ فلم ساٿي ۾ هن 21 سالن جي عمر ۾ با ضابطه اداڪاري جي شروعات ڪئي. هن جي فلم ارمان ڪافي مقبول ٿي، هن سوا سو فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ 32 فلمي ايوارڊ حاصل ڪيا. نومبر 2010 ۾ کيس ان وقت جي صدر آصف علي زرداري وفات جي 27 سالن بعد پاڪستان جو تيون نمبر وڏو شهري اعزاز ستاره امتياز عطا ڪيو هو. هن سان هڪ فلم ۾ آصف علي زرداري ٻاراڻو رول به ادا ڪيو هو ۽ اهو ٻار فلم ۾ وڏو ٿي وحيد مراد جو ڪردار ادا ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو