گوهر خلاف بيان، شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ شير افضل مروت چيو ته بئريسٽر گوهر کي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چيئرمين شپ تان هٽايو ويو ڇاڪاڻ ته سندس ڪارڪردگي تسلي بخش نه هئي.شير افضل مروت اهو به چيو ته بئريسٽر گوهر علي خان کي چيئرمين شپ تان هٽائڻ ۾ سندس نااهلي ۽ ناقص ڪارڪردگي آهي، پارٽي آفيس کي هر وقت فعال رکڻ جي ضرورت آهي پر ائين نه ٿيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته بئريسٽر گوهر کي ٽن مهينن جو وقت مليو پر هو ڪامياب نه ٿي سگهي، ڪارڪنن جي احتجاج سميت ٻيون اميدون هيون جنهن ۾ بئريسٽر گوهر ناڪام وئي.هاڻي پي ٽي آءِ طرفان شير افضل مروت کي شو ڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سندس بيان ڇڪتاڻ پيدا ڪيو.شوڪاز نوٽيس ۾ پي ٽي آءِ شير افضل کي 2 ڏينهن اندر معافي نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تسلي بخش جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ پارٽي پاليسي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو