ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري اعلان ڪيو آهي ته عيد کانپوءِ گورنر هائوس ۾ 50 هزار ماڻهن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرايو ويندو.سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پنهنجي خاندان ۽ دوستن سان گڏ برنس روڊ تي واقع ريسٽورنٽ ۾ پنهنجي پسند جو کاڌو کائڻ پهتو.ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته مان جتي به ويندو آهيان ان کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندو آهيان ته جيئن ماڻهو آساني سان مون تائين پهچي سگهن. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ مهانگائي سبب ماڻهو پريشان آهن، باغي مالڪ ميون جا اگهه وڌائي رهيا آهن، مان به انهن سان ڳالهائيندس، عوام جي مسئلن بابت سنڌ حڪومت کي خط به لکيو آهي.ڪامران ٽيسوري چيو ته عيد کانپوءِ گورنر هائوس ۾ 50 هزار ماڻهن کي آءِ ٽي پروگرام ڏنا پيا وڃن، پهرين مرحلي ۾ عورتن کي ڪورس ڪرايا ويندا، ان ڪورس ذريعي ماڻهو موبائل فون تي ڪم ڪري پئسا ڪمائي سگهندا.
