گهوٽڪي: (ن س) گهوٽڪي ۾ محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ 30 سالن کان هلندڙ پراڻو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو، عادلپور شهر جي مک پاڙي چنه محله ۾ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي 17 ورهين جي نوجوان ڪرم الله محمداڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا۔1988ع کان هلندڙ هن تڪرار ۾ اڳ ئي 3 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن،جڏهن ته اڄوڪي واقعي بعد هڪ ٻيو نوجوان گولين جو کاڄ بڻجي ويو، واقعي بعد علائقي ۾ خوف، ڏهڪاءُ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي۔ متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ مان چوري جي معاملي تان شروع ٿيل هن تڪرار سبب هو پنهنجا گهر ٻار ڇڏي 25 سال اڳ گهوٽڪي منتقل ٿيا،پر خوني تڪرار سندن پيڇو نه ڇڏيو۔مقامي ماڻهن مطابق ڊگهي عرصي کان جاري هن جهيڙي ڪيترائي جاني نقصان ڪيا آهن،جڏهن ته تازي واقعي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. واقعي بعد نوجوان جو لاش تعلقا اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو آهي.










