”گهر وارن کي صبا قبول “هريتڪ روشن جي شادي جون تياريون شروع

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار هريتڪ روشن ۽ صبا آزاد جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سندن شادي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.هريتڪ هن وقت تائين باضابطا طور تي پنهنجي لاڳاپن جو اعتراف نه ڪيو آهي پر صبا آزاد کي اداڪار سان گڏ گذريل هڪ سال دوران ڪيترن ئي موقعن تي گڏ ڏٺو ويو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي رشتي ۾ آهن.هاڻ ڀارتي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هريتڪ جي خاندان آخرڪار صبا آزاد کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي شادي جون تياريون به شروع ٿي ويون آهن.رپورٽن مطابق هريتڪ جي خاندان صبا کي پنهنجي لاءِ پرفيڪٽ ميچ قرار ڏنو آهي ۽ اداڪار جا ٻار به ان رشتي تي خوش آهن.ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ريتڪ ۽ صبا هلندڙ سال جي آخر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌندا، شادي جي تقريب ۾ سندن ويجها مائٽ ۽ ڪجهه دوست شرڪت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو