اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي ڌرين جي وڪيلن جي درخواست تي ڪو به ڪارروائي نه ڪندي ملتوي ڪري ڇڏي.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته باقي وڪيلن کي نه ٻڌايو وڃي ها ته توهان کي ڀليڪار چئون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪيس تمام دلچسپ هو، هاڻي ان ڪيس جي ٻڌڻي نئين بينچ ڪندي.چيف جسٽس آف پاڪستان اهو به چيو ته ضروري ناهي ته ماڻهو جيڪو چاهي اهو ان جي خواهش پوري ٿئي، اميد آهي ته ايندڙ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
