حسن ناز سومرو
هونئن ته پوري سنڌ رفيوجيز سان ڀري پيئي آهي جنهن ۾ نه فقط ايراني، افغاني، برمي، بنگالي، سوڊاني به شامل آهن پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا هزارين پناه گير به هتي موجود آهن پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته جيڪي به مهاجر هتي جنگ يا امن جي حالت ۾ هتي اچن ٿا اهي واپس وڃڻ جو سوچين به نه ٿا ۽ اهي هتان جا رهاڪو بڻجي سنڌي ماڻهن جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيندا آهن.
جهڙي طرح افغانستان مان آيل غير قانوني افغانين نه فقط سنڌي ماڻهن جو قتل عام ڪيو پر وياج جي ذريعي انهن کي قرضي ڪري نه فقط گهر در به ڦري ڇڏيا آهن پر انهن جا مال ۽ متاع به ڳڙڪائي ويا آهن ان کان علاوه حيدرآباد ۾ هاشمي ڪالوني کان وٺي هوسڙي تائين لکين افغاني پناه گيرن زمينن ۽ پلاٽن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي. جهڙي طرح افغان پناه گزيرن سنڌ جي چپي چپي تي قبضو ڪري ورتو اهڙي طرح ايران مان ايندڙ بروهين به گهٽ ڪونه ڪئي آهي، ايراني بروهي جيڪي بلوچستان جي رستي سنڌ ۾ داخل ٿي حيدرآباد ۾ سنڌي ماڻهن جي زمينن ۽ پلاٽن تي قبضو ڪيو آهي پر ڪيترن ئي سنڌي ماڻهن کي دهشتگردي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي.
ايرانن بروهي جيڪي بلوچستان مان ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرائي اچي سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اچي آباد ٿيا آهن جتي بروهي اتحاد نالي هڪ تنظيم ٺاهي نه فقط سنڌي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن پر سنڌي ماڻهن جي جائيدادن تي قبضا ڪري انهن کي بي دخل ڪري رهيا آهن اهڙن دهشتگردن ۾ گنجو ٽڪر حيدرآباد تي قبضا ڪندڙ بروهي جن ۾ رمضان بروهي، مير حسن بروهي ۽ قادر بخش بروهي سرعام دهشتگردي ڪندي سنڌي ماڻهن جي پلاٽن، گهرن ۽ زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انهن کي بليڪ ميل ڪري انهن جي پلاٽن، زمينن ۽ گهرن تي قبضا ڪري رهيا آهن جڏهن ته گذريل ڏينهن اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا پيش آيا جنهن ۾ پهريا کوسا برادري جي پلاٽن تي زبردستي قبضا ڪري وري انهن کوسا برادري جي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي انهن کان ڪيترائي پلاٽ حاصل ڪري ورتا وري انهن بروهين جن ۾رمضان بروهي، مير حسن بروهي ۽ قادر بخش بروهي شامل آهن انهن گنجو ٽڪر حيدرآباد ۾ سنڌين جي صديون پراڻي جيلاني ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڳوٺاڻن مذاحمت ڪئي جنهن تي ٻڌايل بروهين ٿاڻي تي وڃي فرياد داخل ڪرائي پر جڏهن پوليس وچ ۾ پيئي ۽ تحقيقات ڪئي ته خبر پيئي ته اهي دهشتگرد گروپ جا ماڻهو آهن ۽ پلاٽن تي قبضا ڪرڻ چاهين ٿا جنهن تي اتان جي ايس ايڇ او سنڌي ماڻهن ي حق ۾ رپورٽ ٺاهي پيش ڪئي جنهن تي بين الاقوامي دهشتگردن اتان جي ڳوٺاڻن کي خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي فرار ٿي ويا سو ان باري ۾ جيلاني ڳوٺ جي ڳوٺاڻن اهڙِي قسم جي رپورٽ سائيٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
حيدرآباد ۾ ايراني بروهين ۽ افغانين جي آبادگاري نه فقط پوري سنڌ لاءِ خطرو آهي پر هي آفت پوري ملڪ کي نهوڙي لاهيندي، جهڙي طريقي سان عدالت پاران پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي آهي افغانين سان گڏ سنڌ ۾ ترسيل ايراني، برمي، سوڊاني، بنگالي ۽ ٻين ڌارين کي به نيڪالي ڏني وڃي.
هن وقت سنڌ ۾ ڌارين جي وڌندڙ آبادي جي ڪري سنڌ ۾ تمام وڏي بي چيني پکڙيل آهي ڌارين جي آباد ڪاري جي ڪري نه فقط بک ۽ بدحالي ۾ اضافو ٿيو آهي پر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي تمام وڏو ڌڪ رسيو آهي هڪ طرف ڌارين پاران پاڪستان مان ڊالر جي اسمگلنگ ٻئي طرف ڪرپٽ مافيا پاران ڪڻڪ، چانور، کنڊ، سون ۽ چاندي جهڙي معدنيات جي اسمگلنگ وڏي پئماني تي ٿي رهي آهي، سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالھ اها آهي انهيءَ ڪڌن ڪمن جي خبر پوري ملڪ کي آهي پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي.
هوڏانهن افغانستان مان چرس، آفيم. هيروئن ۽ اسلحي جون کيپون سنڌ اندر داخل ٿي رهيون آهن پر اسان جي پوليس کي اهي نظر نه ٿيون اچن جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي سنڌ بيروت ٿيندي نظر اچي رهي آهي سو ان لاءِ اسين هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ مان بين الاقوامي افغانين کان علاوه ايراني بروهين سان گڏوگڏ برمي، بنگالين ۽ ٻين غير ملڪين کي هتان تڙي سنڌ کي امن جو گهوارو بڻايو وڃي.
