گلوڪاره بريٽي اسپيئرز سام اصغري کان طلاق وٺي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي ڳائڻي بريٽي اسپيئرز جي سام اصغري سان شادي به ناڪام ٿي وئي، 6 سالن جي محبت ۽ 13 مهينن جي شادي جو تعلق طلاق تي ختم ٿي ويو.برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي موجب گلوڪاره برٽني اسپيئرز جي مڙس سام اصغري لاس اينجلس ڪائونٽي ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.سام اصغري گلوڪاره برٽني اسپيئرز تي گهر جي ملازمه سان جنسي تعلق جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته برٽني سان سفر پڄاڻي تي پهتو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب برٽني اسپيئرس به پنهنجي مڙس تي تشدد ڪيو.واضح رهي ته گلوڪاره برٽني اسپيئرز ان کان اڳ به ٻه شاديون ڪري چڪي آهي. هن کي پڻ 2 ٻار آهن اڳوڻي مڙس ريپر ڪيون سان.

پهنجو تبصرو موڪليو