ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر ۾ گهٽي ۾ ويندڙ چوڪري تي جنسي حملو ڪندڙن جي خلاف چئن ڏينهن کان پوءِ سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو تفصيل موجب گلستان جوهر بلاڪ 4 ۾ ڇوڪري کي حراسان ڪرڻ جو ڪيس چئن ڏينهن کان پوءِ سرڪار جي فرياد ۾ داخل ڪيو ويو ايف آئي آر ۾ واقعي وارو ڏينهن 3 جولاءِ ڏيکاريو ويو آهي ڪيس جي فريادي اي ايس آئي مطابق وائرل وڊيو موبائيل تي ڏٺي وڊيو ۾ اڻڄاتل شخص کي ڪاري شرٽ ۽ اچيرنگ جي شرٽ پهريل هئي ڪيس جي متن ۾ چيو ويو ته فيس ماسڪ لڳل شخص ڳاڙهي رنگ جي ڪلر جي 70 موٽر سائيڪل کي روڪيوڀرسان پيادل لنگهنڊڙ ڇوڪري جي ڪڍ لڳو چوڪري کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇوڪري مزاحمت ڪئي ته موٽر سائيڪل تي فرر ٿي ويو هن ڪيس جو هي فعل بجرم قلم 509/354/294 ڏيکاريو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي
