گلاس هڻڻ واري کي جيڪو مان هڻندس، اهو ڏسجو: شاهد خاقان

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسيءَ عدالت ۾ پيشيءَ وقت غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. انهيءَ ڳالهه ٻولهه دوران شاهد خاقان عباسيءَ کان ساڻس هڪ نيب آفيسر پاران ڪيل بدسلوڪيءَ بابت به سوال پڇيا ويا. هڪ صحافيءَ کانس سوال ڪيو ته ڇا توهان سان بدسلوڪي ٿي آهي؟ ان تي شاهد خاقان چيو ته مونسان ڪا به بدسلوڪي ناهي ٿي. هي جيڪو ايڪسپرٽ وٺي آيا هئا مان ان کي ”مس هينڊل“ ڪرڻ لڳو هئس نيب جي انهيءَ شخص سان مس هينڊلنگ ڪرڻ به گهرجي ها. مون مس هينڊل ڪيو ناهي پر ڪرڻ گهرجي ها. جنهن تي صحافيءَ ٻيو سوال اهو ڪيو ته ڇا توهان کي گلاس اڇلائي هنيو ويو آهي؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مونکي جيڪو گلاس هڻندو ان کي جيڪو مان هڻندس اهو ڏسجو. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نيب پاران ايل اين جي ڪيس ۾ 18 جولاءِ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڄ کيس جسماني رمانڊ وٺڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت سندس جسماني رمانڊ ڏيڻ بجاءِ شاهد خاقان جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ۾ پيشيءَ دوران اڳوڻي وزيراعظم پاڻ جج اڳيان وڃي چيو ته هي جيترو رمانڊ گهرن ٿا اهو هنن کي ڏيو، بنانا ريپبلڪ ٺاهي وئي آهي. مان عدالت کي اهو چوان ٿو ته هنن عدالتن ۾ ڪوئي انصاف ناهي ڇو ته جتي رياست پاڻ فورس ڪري اتي سرڪاري آفيسر کي ڪهڙو انصاف ملندو. ان کان اڳ ۾ اها خبر هلندي رهي ته جاچ دوران نيب جو هڪ آفيسر رڙيون ڪري شاهد خاقان سان ڳالهائڻ لڳو ۽ بعد ۾ هن ساڻس بدسلوڪي ڪندي هن ڏانهن گلاس پڻ اڇلايو.

پهنجو تبصرو موڪليو