’گاڊ پارٽيڪل‘ جو نظريو پيش ڪندڙ سائنسدان فوت ٿي ويو

ايڊنبرا(ويب ڊيسڪ) ’گاڊ پارٽيڪل‘ جو موجد ۽ فزڪس جو نوبل انعام يافتا برطانوي سائنسدان پروفيسر پيٽر هگز، 94 سالن جي ڄمار ۾ سڪون سان پنهنجي گهر ۾ فوت ٿي ويو. ايڊنبرا يونيورسٽي ۾ 50 سالن تائين تدريسي عمل سان لاڳاپيل پيٽر هگز جيڪو سومر تي فوت ٿيو هو تنهن جي وفات جو اعلان اڱاري تي ڪيو ويو. هِگس گرائونڊ ٽوڙڻ واري نظرياتي ڪم کي استعمال ڪيو ته جيئن اها وضاحت ڪئي وڃي ته ڪائنات ڪيئن ماس يا مادو آهي، اهڙيءَ طرح فزڪس ۾ هڪ عظيم ترين پزل کي حل ڪيو ۽ کيس درسي ڪتابن ۾ البرٽ آئن اسٽائن ۽ ميڪس پلانڪ جي پائي جو سائنسدان مڃيو ويندو آهي. سندس 1964ع ۾ ’ماس گِونگ پارٽيڪل‘ يعني ڪائنات جو مادو ڏيندڙ ذرڙي جو نظريو، جيڪو هگس بوسون يا ”گاڊ پارٽيڪل“ جي نالي سان مشهور ٿيو، کيس ۽ بيلجيم جي فزڪس دان فرانڪوئس اينگلٽ کي 2013 جو فزڪس جو نوبل انعام مليو هو. سندس نظريي ’گاڊ پارٽيڪل‘ کي ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ واري بگ بينگ جو سبب به سمجهو ويندو آهي. يورپي آرگنائيزيشن فار نيوڪليئر ريسرچ (CERN) ۾ لارج هيڊرون ڪولائڊر سان ايٽم کي ڪچلڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو. هي تجربو 10 ارب ڊالر واري منصوبي جيڪو فرانس ۽ سوئزرلينڊ جي سرحد تي واقع 27 ڪلوميٽر جي سرنگهه ۾ ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو